صحت سڀني لاءِ

صحت سڀني لاءِ

صحت سڀني لاءِ

صحت سڀني لاءِ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري اديب ۽ ڊاڪٽر مرلي ڌر جو صحت بابت مضمونن تي مشتمل آهي. هيءُ ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، جنهن جي پهرين حصي ۾ مضمون ۽ ٻئي حصي ۾ اداريا شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ نامور صحافي ڊاڪٽر جبار خٽڪ لکيو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر سڪندر مغل جا ٻه اکر پڻ شامل آهن. ڪتاب ۾ صحت بابت 23 مضمون ۽ 48 اداريا شامل آهن. سمورو ڪتاب صحت جي مختلف نقصانن ۽ فائدن بابت ڏنل ڄاڻ بابت آهي. ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل نامور اديبا پشپا ولڀ لکيو آهي. ليکڪ ڪتاب جي ارپنا پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي ڪئي آهي. 168 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي مهين جو دڙو پبلشنگ ايجنسي ڪراچيءَ، ڊسمبر 2011ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 170 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو